گڊو ويجھو پنجاب جي علائق روجھاڻ مزاري جي ڳوٺ جھنڊي بدلي ۾ نامعلوم ھٿيار بندن جي فائرنگ۔ فائرنگ جي نتيجي ۾ 22 ورھين جو نوجوان طارق مارجي ويو اطلاع تي 15 پوليس واقعي واري ھنڌن پھچي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال روجھاڻ منتقل ڪري ڇڏي قانوني ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويندو وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان پنھنجي گھر کان روجھاڻ شھر طرف ڪم سانگي وڃي رھيو ھيو ته رستي ۾ نامعلوم ھٿيار بندن سندس مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو آھي وارثن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني نه آھي ظالمن وڏو ظلم ڪيو آھي ھنن آء جي پنجاب ۽ ايس ايس پي راجن پور کي اپيل ڪندي چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پھچايو وڃي
