ٺڪراٺو جي 2 يوسين مبارڪپور ۽ روپھر ۾ برساتي پاڻي نيڪال نھ ٿي سگھيو زمينن ۾ بيٺل پاڻي کي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪڊھڻ تي مجبور چونڊيل نمائندن پاران زمينن مان پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪيو آھي احتجاج ڪندڙن اربيلو مھر احسان راڄڙ واحد بخش مھتم عبدالمالڪ راڄڙ ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته زمينن مان پنھنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍرائي رھيا آھيون جنھن ۾ 20 لک روپيا خرچ اچي ويو آھي ھنن چيو آھي ته ايم اين اي خورشيد شاھ ۽ ايم پي اي اڪرام الله ڌاريجو ايڊمنيسٽريٽر عبدالله جھلڻ ڳوٺاڻن سان واعدو ڪيو ھيو ته زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرايو اڌ خرچ ڏينداسين پر ھو ھن مھل تائين لڙي نه آيا آھن الھ تلھ وڪڻي پاڻي ڪڍرائي رھيا آھيون ھاڻ ٿڪجي پيا آھيون احتجاج ڪندڙن سنڌ سرڪار سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آھي ته زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ربيع جو فصل پوکي
سگھن
