مياڻي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پورهيت پي پُٽ جو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ڳوٺ مصري سميجو جي رهواسين آصف سميجو ۽ نظير سميجو جو چوڻ هو ته اسان مسڪين پورهيت آهيون شهر اندر محنت مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ پاليندا آهيون مياڻي ٿاڻي جي وڏي منشي الطاف ڀٽو ۽ اي ايس آء مور گبلو منهنجي پُٽ آصف سميجو کي شهر مان بغير ڪنهن ڏوھ جي ناحق گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وڃڻ بعد تشدد ڪيو ,هنن جو چيو ته اسان مٿان هٿ ٺوڪيو بهاريل فريادي به فريادي هجڻ کان انڪاري بڻيل آهي,ان جي باوجود به وڏي منشي ۽ اي ايس آء مور گبول بار بار منهنجي پُٽ آصف مٿان تشدد جاري رکيو,هنن چيو ته وڏي منشي 10 هزار رشوت وٺڻ بعد منهنجي پُٽ کي آزاد ڪيو,هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻي ايس ايس پي ڪشمور ۽ مياڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي اپيل ڪندي چيو ته ناحق لاڪپ ڪري مٿان تشدد ۽ رشوت وٺندڙ وڏي منشي الطاف ڀٽو ۽ اي ايس آء مور گبول خلاف نوٽس وٺي انصاف ڪيو وڃي
