ڪنڌڪوٽ : ايس ٽي پي طرفان ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ پکڙيل بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ضلعي صدر محمد اڪرم باجڪاڻي، عصمت اللّٰه ملڪ، جيوڻ سبزوئي جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي ۾ پيدا ٿيل بدامني سبب رھواسي سخت پريشان آهن ۽ اغوا ٿي وڃڻ جي خوف سبب شھري سج لٿي کانپوءِ پنهنجي گھرن مان نٿا نڪرن شھر ۾ ڪاروباري سرگرميون ٺپ ٿي وڃن ٿيون ھنن چيو ته اغوا ٿي ويل محمد بخش لاشاري سميت ٻين مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ڪنڌڪوٽ جي مشھور ڊاڪٽر سريش آنند جي گھر مان ٿيل لکين روپين جي چوري واپس ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ـ ھنن ايس ايس پي زيبر ظفر شيخ کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿي ويلن کي بازياب ڪرائي ضلعي ۾ پيدا ٿيل بدامني کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن
