ٺڪراٺو : تعليم کاتي جون دعوائون ڌوڙ ٺڪراٺو جو هاء اسڪول زبون حالي جو شڪار اسڪول جي پراڻي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو اسڪول ۾ پڙهندڙ سوين شاگردن توڙي استادن کي اسڪول جي زبون حاليء سبب جيء جو جوکو سنڌ سرڪار توڙي تعليم کاتي پاران ڪي به اپاء نه ورتا ويا ، اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن ، استادن اسڪول جي عملي ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي کي فوري طور نوٽيس وٺي ڪري اسڪول جو جلد تعميراتي ڪم شروع ڪرائڻ جو مطالبو
ٺڪراٺو ٺڪراٺو جو قديمي ھا۽ اسڪول سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب زبون حالي جو شڪار ٿي ويو آھي ڪيتري ئي وقت کان اسڪول جو مرمتي ڪم ٿي نه سگھيو آھي جنھن ڪري ڪلاس رومز ۽ ورانڊي جا اڪثر چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آھن اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگرد ۽ استاد خوف ۾ تعليمي عمل کي جاري رکيون پيا اچن پر ھن مھل تائين تعليم کاتي پاران اسڪول جي مرمتي ڪم لا۽ نوٽيس نه ورتو ويو آھي هتان جي شھرين پاران ڪيترائي ڀيرا ھا۽ اسڪول جي نئين سر تعميراتي ڪم لا۽ چونڊيل نمائندن آڏو دانھون پڻ ڪيون آھن پر ڪوبه اثر نه ٿيو آھي اسڪول جي پرنسيپل رياض احمد ڪلوڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ھا۽ اسڪول جي پراڻي بلڊنگ تباھ ٿيڻ کانپو۽ مڊل اسڪول ۾ ھا۽ اسڪول جا ڪلاسز ھلائي رھيا آھيون ان عمارت جو به حال ڪونھي چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد ۽ اسان خوف ۾ تعليمي عمل کي جاري رکيون پيا اچون ٻي پاسي شھرين ۽ سڄاڻ ڌرين وزير اعلا سنڌ مراد علي شاھ ، تعليم کاتي سنڌ جي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ هتان جي چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ ۽ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو آھي ته ٺڪراٺوهاء اسڪول جي زبون حالي جو جلد نوٽيس وٺي ھا۽ اسڪول جو نئين سر تعميراتي ڪم ڪرائي عمارت بھتر بڻائي وڃي ته جيئن هتي پڙهندڙ معصوم شاگرد ۽ عملو بي خوف پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن
