99

ٺڪراٺو: ڳوٺ حرمجاهد ڀائي خان مهر ۾ ميلادالمصطفي ﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ٺڪراٺو: جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ڳوٺ حرمجاهد ڀائي خان مهر ۾ فقير غلام حسين مهر جي سهن تي ميلادالمصطفي ﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ، پروگرام ۾ شريڪ نعتخوانن نعتون پڙهي حضور جي خدمت ۾ عقيدت جا نظرانه پيش ڪيا ، آيل علماء ڪرام حضور پاڪ ﷺ جن جي زندگي ۽ سيرت مبارڪه تي روشني وڌي ، پروگرام ۾ هر طرف مرحبا يارسول الله  ﷺ ۽ مرحبا يا مصطفي ﷺ جا نعرا گونجندا رهيا ، پروگرام ۾ آيل مهمانن ۽ عوشاقان رسول جي لاء لنگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو
ربيع الاول جو مهينو ايندي ئي عاشقان رسول جي خوشين ۾ اضافو ٿي پوندو آهي هر طرف ميلادالمصطفي ﷺ جون ريليون ، جلسا جلوس ، محفل نعت ۽  هر گهر ۾ ميلادالمصطفي ﷺ ملهائڻ جو سلسلو سمورو مهينو جاري ۽ ساري رهندو آهي هر سال جيان هن ڀيري به ڳوٺ حرمجاهد ڀائي خان مهر ۾ فقير غلا حسين مهر جي اڱڻ تي عاشقان رسول جو ميڙو مڙي گڏ ٿيو ۽ محبوب مدني سرڪار جي محفل ميلاد جو هڪ پرجوش ۽ پروقار پروگرام منعقد ڪيو ويو ، ميلاد النبي ﷺ پرگرام جي ميزباني فقير غلام حسين مهر ، فقير عبدالعزيز مهر  ۽ حافظ خانوند بخش سڪندري جن ڪئي پروگرام جي شروعات حافظ عبدالوحيد سڪندري جن ڪلام پاڪ پڙهي ڪئي پروگرام ۾ شريڪ نعت خوانن حافظ اشفاق احمد سڪندري ۽ ننڍڙن نعت خوانن شهاب الدين ، زبير احمد ۽ ٻين حضور پاڪ ﷺ جن جي شان ۾ نعتون پڙهي عقيدت نظرانه جاگل پيش ڪيا، پروگرام ۾ شريڪ علماء ڪرام حافظ شاهد حسين قادري ، حافظ سجاد حسين جن حضور جو شان بيان ڪندي فرمايو ته اسين سڀ تمام خوش نصيب آهيون جو هڪ مسلمان ۽ يتيمن جي يار ، دلين جي ٺار ، امان آمنه رضي الله تعالي عنه جي لال لڄپال نبي آخر زمان ، رحمته العالمين حضور پاڪ محمد ﷺ جي امتي جي گهر ۾ اک کولي سين پاڻ ڪريمن جي شان بيان ڪرڻ لاء هن دنيا جو تخليق ٿيڻ کان اڄ تائين جو ٽائيم به ٿورو آهي دنيا جا ٽائيم ، پين پنا کٽي ويندا پر حضور پاڪ جو شان بيان ڪرڻ نه کٽندو توهان اسان هي مهينو انڪري ئي خوشين جو مهينو ڪري ملهائيندا آهيون ته هن مهيني ۾ پاڻ ڪريم هن ظاهري دنيا ۾ آيا ۽ پاڻ ڪريمن جي اچڻ سان ڪفر ختم ٿي ويو هر طرف لاالله الا الله جو ورد شروع ٿي ويو ۽ ڪسرا جا ڪوٽ پڻ ڪري پيا محبوب جي اچڻ سان هن ڪائنات جي ذري ذري خوشي ملهائي آهي توهان اسان به خوشنصيب آهيون جو اهڙو ڏهاڙو ملهائڻ جو موقعو مليوآهي ، جڏهن ته پروگرام ۾ خاڳڙھ شريف کان ڪهي آيل خصوصي مقرر علامه مفتي سيف الله سڪندري صاحب جن خطاب فرمائيندي چيو ته رب پاڪ پاڻ پنهنجي پاڪ ڪتاب قرآن المجيد ۾ فرمايو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي محبوب مديني واري ، تاجدار نبي حضرت محمد  ﷺ جن کي پيدا نه ڪريان ها ته هي دنيا ۽نه جوڙيان ها مفتي صاحب جن وڌيڪ حضور پاڪ جن جي سيرت مبارڪه تي روشني وڌي ، پروگرام  ۾ هر طرف ساون جهنڊن جي ساواڻ ۽ لبيڪ يارسول الله  ﷺ ۽ مرحبا يا مصطفي ﷺ جا نعرا گونجندا رهيا ۽  پروگرام ۾ خيرات ۽ لنگر جو پڻ  بندوبست ڪيو ويو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو