ڪراچي : آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين افتتاحي ميچ ۾ وڏو اپ سيٽ، نميبيا سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي.
گيلونگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. شروعات ۾ سريلنڪا جا بالرز مخالف ٽيم تي حاوي رهيا پر ميچ جي آخري لمحن ۾ جان فرائينگ 44 جڏهن ته جان نتهين اسمٽ 185 بالن تي 31 رنسون ٺاهيون ،نميبيا جي ٽيم سريلنڪا خلاف مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سريلنڪا طرفان مهيش تهيڪشنا، دشمنتها چميرام چميڪا ڪرونا رتني ۽ بسرنگا هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو،حدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سريلنڪن ٽيم جي شروعات سٺي نه رهي. سريلنڪا جي سموري ٽيم 19هين اوورز ۾ 108 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. اوپنر ڪوشل مينڊس 12 جي گڏيل اسڪور تي پويلين موٽيو جڏهن ته نسانڪا 9 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو
