اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي چيف آف اسٽاف شهباز گل جو نالو ڪابينه جي منظوري کان پوءِ اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي شهباز گل جو نالو اسلام آباد ضلعي انتظاميه جي سفارش تي اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي. 2 مهينا اڳ شهباز گل کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ هو ته شهباز گل خلاف داخل ڪيس ۾ ادارن ۽ ان جي سربراهن خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ سميت ٻيا به قلم شامل هئا شهباز گل جي گرفتاري تي عمران خان چيو هو ته هي گرفتاري نه پر اغوا آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو هو ته شهباز گل خلاف ايف آءِ آر اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي جنهن ۾ هن خلاف مبينه طور تي آرمي جي اهلڪارن ۽ آفيسرن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جا قلم شامل هئا
