واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس عمران خان جي الزامن جي هڪ دفعو ٻيهر ترديد ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ غلط ڄاڻ کي وچ ۾ اچڻ نه ڏينداسين عمران خان پنهنجن جلسن ۽ ٻين تقريبن ۾ لاڳيتو اهو الزام لڳائي رهيو آهي ته سندس حڪومت کي آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ سبب آمريڪا سازش ڪري ڪيرايو آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اسان مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو اهو به موقف آهي ته آمريڪي سازش موجوده حڪومت ۽ ان جي سهولتڪارن پاران تيار ڪئي وئي. ان لاءِ ناراض ميمبرن کي خريد ڪيو ويو هو. پر آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي واشنگٽن ڊي سي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي نيڊ پرائس چيو ته اسان آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان آمريڪا جي مفاد ۾ آهي عمران خان طرفان آمريڪا تي لڳايل الزامن تي نيڊ پرائس چيو ته اسان اڳ به چئي چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ رجيم چينج حڪومت جي تبديلي لاءِ سازش جي الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. اسان غلط ڄاڻ جو صحيح ڄاڻ سان مقابلو ڪري سگهون ٿا پاڪستان ۾ عام چونڊن جي مطالبي ۽ منعقد ڪرڻ جي حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ عام چونڊن جو اعلان اڃان تائين ناهي ٿيو. اسان پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ پرامن، آئيني ۽ جمهوري حڪومت جي حوصله افزائي ڪندا رهنداسين
60