بيجنگ: وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي سهڪار سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهتل وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، سي پيڪ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ شهباز شريف پهريون ڀيرو پنهنجي وفد سان گڏ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير، خاص صلاحڪار ۽ اعليٰ آفيسر وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف اڄ چيني سرمائيڪارن ۽ پاڪستاني واپارين سان به ملاقات ڪندو
