راولپنڊي:پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر پارٽي چيئرمين عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ جي راولپنڊي پهچڻ جو نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر سوشل ميڊيا تي بيان ڏنو آهي ته حقيقي آزادي مارچ جي لاءِ نئين شيڊول موجب عمران خان 10 نومبر تي راولپنڊي پهچندو اسد عمر وڌيڪ لکيو ته 11 نومبر تي سمورا قافلا اسلام آباد پهچندا تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ اڄ ڇهين ڏينهن راولپنڊي باءِ پاس گوجرانوالا کان شروع ٿيندو عمران خان جي خطاب کان پوءِ لانگ مارچ گکهڙ منڊي پهچندو جتي عمران خان جو لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن سان اڄ آخري خطاب هوندو
