77

ڪراچي: چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: خواجه اظهار، فاروق ستار ۽ وسيم اختر بري

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير جي 3 ڪيسن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت فاروق ستار، وسيم اختر ۽ خواجه اظهار سميت 8 جوابدارن جي بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون عدالت ڪيسن مان فاروق ستار، وسيم اختر، عامر خان، رئوف صديقي سميت 8 ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي بري ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته 2016ع ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف ملير سٽي، سچل ۽ بريگيڊ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. سندن مٿان ايم ڪيو ايم باني جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جو الزام هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو