اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف گوجرانوالا، الله والا چوڪ ۾ عمران خان مٿان فائرنگ جي سخت لفظن م مذمت ڪئي آهي وزيراعظم شهباز شريف واقعي جي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته گهرو وزير کي آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي
وزيراعظم شهباز شريف عمران خان مٿان فائرنگ کان پوءِ پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪري ڇڏي آهي. يا درهي ته وزيرآباد ۾ اولڊ ڪچهري چوڪ تي لانگ مارچ دوران تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان زخمي ٿي پيو هو. جڏهن ته هڪ ڄڻو فوٽ ٿي ويو هو نامعلوم شخص ڪنٽينر جي هيٺيان هو، جنهن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ افراتفري مچي وئي. فائرنگ سبب 9 ڄڻا زخمي ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. جنهن جي سڃاڻپ معظم گوندل جي نالي سان ٿي آهي جنهن جو تعلق بهروکي چيمه سان هو عمران خان جو مارچ وزيرآباد روڊ تان گذري رهيو هو ته گهٽيءَ مان هڪ شخص نڪتو ۽ ڪنٽينر ويجهو اچي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. موقعي تي موجود تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جوابدار کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بنايو. پوليس حملي آور کي گرفتار ڪري هٿيار قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي سيڪيورٽي اهلڪارن عمران خان کي ڪنٽينر مان محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڪنٽينر مان به اعلان ڪيو ويو آهي ته عمران خان جي ٽنگ ۾ گولي لڳي آهي سيڪيورٽي فورسز عمران خان کي ڪنٽينر مان ڪڍي فوري طور تي شوڪت خانم اسپتال طبي امداد جي لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو آهي
