راولپنڊي: تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ راولپنڊي پهچڻ کان اڳ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن خلاف بينرز لڳايا ويا آهن
سول سوسائٽي طرفان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ پهچڻ کان اڳ مري روڊ تي بينرز لڳايا ويا آهن. جنهن تي لکيل آهي ته روزاني پرتشدد مظاهرن سان ڪاروبار تباهه ٿي چڪا آهن. احتجاجي ڌرڻين سان تعليمي نظام به سخت متاثر ٿي رهيو آهي مختلف هنڌن تي لڳايل بينرز تي سول سوسائٽي طرفان لکيو ويو آهي ته مظاهرن سان معاشي سرگرميون ٺ، مزدورن جا چلها وسامي چڪا آهن. سول سوسائٽي بينرز تي نعرن ذريعي مظاهرن ۽ ڌرڻن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي پنجاب جي وڏي وزير ۽ عمران خان جي اتحادي پرويز الاهي جي شهر گجرات ۾ به تحريڪ تحريڪ انصاف جي مارچ پهچڻ کان اڳ ئي عمران خان خلاف مختلف چوڪن تي بينرز لڳايا ويا آهن
مارچ جي پهچڻ کان اڳ جيڪي بينرز لڳايا ويا آهن انهن تي گهڙي چور جا نعرا ۽ توشه خانه جي تحفن جون تصويرون به لڳايون ويون آهن
