79

سڊني: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 33 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

سڊني: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي گروپ ٽو جي 36 هين ميچ ۾ پاڪستان ڊڪ ورٿ لوئيس ميٿڊ تحت ڏکڻ آفريقا کي 33 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 185 رنسون اسڪور ڪيون
هدف پٺيان ڊوڙندي ڏکڻ آفريڪا جي بيٽنگ دوران برسات سبب ميچ روڪڻي پئي ۽ پوءِ ڊڪ ورٿ لوئيس ميٿڊ تحت ڏکڻ آفريقا کي 14 اوور ن ۾ 142 رنسن جو ٽارگيٽ مليو، پر ڏکڻ آفريقي ٽيم 14 اوورن ۾ نو وڪيٽن جي نقصان تي 108 رنسون ٺاهي سگهيپروٽيز طرفان ڪپتان بواما سڀ کان وڌيڪ 36 رنسون اسڪور ڪيون، ٻين رانديگرن ۾ ايڊن مارڪرم 20، ٽريسٽن اسٽوبس 18 ۽ ڪلاسن 15 رنسون ٺاهي نمايان رهياپاڪستان طرفان شاهين شاهه پراڻا جلوا ڏيکاريندي نظر آيو هن ٽن اوورن ۾ 14 رنسن عيوض 3 وڪيٽون حاصل ڪيون بيٽنگ کانپوءِ بالنگ ۾ به شاداب خان پاڻ ملهائيندي پنهنجي پهرين اوور ۾ ئي ٻن بيٽرز کي پويلين ڀيڙو ڪيو. نسيم شاهه، حارث رئوف ۽ محمد وسيم جونيئر هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو