لاهور: تحريڪ انصاف لانگ مارچ ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار نويد جي باري ۾ اهم حقيقتون سامهون اچي ويون آهن
پوليس پاران ڪيل جاچ موجب جوابدار نشي جو عادي آهي. جوابدار پستول سان گڏ 48 گوليون به خريد ڪيون. جوابدار باءِ پاس روڊ ذريعي واقعي واري هنڌ پهتو پوليس جاچ موجب حملي آور پهريان مسجد جي ڇت استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مسجد ۾ عصر جي نمازي جاري هئي، جنهن سبب پوليس کيس ڇت تي وڃڻ نه ڏنو.جاچ موجب جوابدار مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي نماز جو وقت هجڻ سبب ڪنٽينر تي هلندڙ پارٽي ترانا بند ڪرڻ جو چوندو رهيو.
ڪنٽينر تان 15 کان 20 قدمن جي فاصلي تي جوابدار پورو برسٽ فائر ڪيو. پستول ۾ 8 گوليون هلڻ کان پوءِ هڪ گولي ڦاسي وئي. جوابدار ٻڌايو ته مون وٽ ٽوٽل 26 کان 27 گوليون هيون ٻئي طرف جوابدار جو هڪ ٻيو وڊيو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته وزيرآباد ۾ بٽ نالي شخص کان وقاص نالي شخص ذريعي 20 هزار روپين جو پستول خريد ڪيو هو جوابدار چيو ته مون عمران خان کي مارڻ چاهيو ٿي پر مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيس جنهن جو مون کي هميشه ڏک رهندو. جوابدار نويد چيو ته منهنجي موبائل فون ۾ عمران خان جي بيانن جون ڪجهه اهڙيون وڊيوز آهن جنهن سبب مون کي ڪاوڙ لڳي. منهنجي پنهنجي ارادي جي باري ۾ ڪنهن کي به ڪجهه نه ٻڌايو هو جوابدار وڌيڪ چيو ته مون سڌو ڪنٽينر تي فائر ڪيا، منهنجو ٽارگيٽ صرف عمران خان هو. منهنجو ٻيو ڪوبه مقصد نه هو
