گوجرانوالا: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي
پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته سڄي قوم ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي درخواست ڪندس ته پرامن رهن، ڪارڪن قانون جي دائري ۾ رهن، اسان کي بردباري ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي
هن چيو ته گذريل 6 ڏينهن کان اسان جو لانگ مارچ پرامن هلي رهيو هو، عمران خان سان مشاورت کانپوءِ لانگ مارچ ۽ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪنداسين
