59

اسلام آباد: توهين عدالت ڪيس: عمران خان جي وڪيل التوا جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي وڪيل 25 مئي جي واقعن تي وضاحت جي لاءِ التوا جي درخواست داخل ڪري ڇڏي عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجه طرفان سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس ۾ التوا جي درخواست داخل ڪئي وئي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منهنجو موڪل افسوسناڪ واقعي سبب اسپتال ۾ داخل آهي عمران خان جي اسپتال ۾ داخل هجڻ سبب معاملي تي جواب جمع ڪرائڻ ممڪن نه آهي عمران خان جي وڪيل طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته ڪيس کي في الحال ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ڪيو وڃي ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي سپريم ڪورٽ عمران خان کان 25 مئي جي واقعن تي ڇنڇر تائين جواب طلب ڪندي چيو هو ته جيڪو ڪجهه ان ڏينهن ٿيو اهو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو