76

اسلام آباد: عمران خان جي تقريرن ۽ پريس ڪانفرنس جي نشريات تي پابندي

اسلام آباد: پيمرا عمران خان جي تقريرن ۽ پريس ڪانفرنس جي نشريات تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي تفصيل موجب پيمرا آرڊيننس 2002 تحت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جون تقريرون ڏيکارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پيمرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي ڪو به ٽي وي چينل عمران خان جون تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون نشر نه ڪري سگهندو ياد رهي ته ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي تقريرن جي لائيو نشر ٿيڻ تي پابندي بابت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو