62

اسلام آباد: چين ۽ سعودي عرب طرفان 13 ارب ڊالر پيڪيج ڏيارڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چين ۽ سعودي عرب پاڪستان کي 13 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏيڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته موجوده مالي سال چين قرض رول اوور ڪرڻ سميت 8.8 ارب ڊالر جي مدد ڪندوهن وڌيڪ ٻڌايو ته چين 4 ارب ڊالرن جي ڊپازٽس جي واپسي رول اوور ڪندو. ان کان علاوه پاڪستان کي 3.3 ارب ڊالر جي چيني ڪمرشل قرض به ڏنا ويندا. چين 1.45 ارب ڊالرن جي اضافي فنانسنگ ڪندواسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب طرفان 4.2 ارب ڊالر جي واڌو رقم ملڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ 3 ارب ڊالر جا واڌو ذخيرن ۽ ملتوي ٿيل ادائيگي تي تيل جي سهوليت شامل آهي. سعودي عرب گوادر ۾ پيٽرو ڪيميڪل ڪامپليڪس تعمير ڪندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو