78

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: انگلينڊ سريلنڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو، آسٽريليا ٻاهر

سڊني: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي اهم ميچ ۾ انگلينڊ سريلنڪا کي هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتوسڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ سريلنڪن ڪپتان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 141 رنسون ٺاهيون
سريلنڪن اوپنر نسانڪا 67 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو ٻين رانديگرن ۾ ڀانوڪا راجاپڪسا 22 ۽ ڪوشل مينڊس 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيوانگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ جڏهن ته عادل رشيد، بين اسٽوڪس، ڪرس ووڪس ۽ سيم ڪورن هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي انگلش ٽيم آءِ لينڊرز طرفان ڏنل 142 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتوايلڪس هيلس ۽ بين اسٽوڪس اهم ميچ ٽيم جو ٻيڙو تاريو ٻنهي ترتيبوار 47، 42 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪپتان جوز بٽلر 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيوسريلنڪا طرفان، لاهيرو ڪمارا، هسارنگا ۽ ڌننجيا ڊي سلوا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون عادل رشيد کي زبردست بالنگ اسپيل تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو اهڙي نموني سريلنڪا کي هارائي انگلينڊ جي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي جڏهن ته ميزبان ۽ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا جو ميگا ايونٽ ۾ سفر ختم ٿي ويو آهي گروپ ون جي پوائنٽس ٽيبل تي ان وقت نيوزيلينڊ ست پوائنٽن سان سرفهرست آهي ۽ سيمي فائنل لاءِ اڳواٽ ئي ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي، جڏهن ته آسٽريليا جون به ست پوائنٽون آهن، انگلينڊ سريلنڪا کي هارائي ست پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي پر بهتر رن ريٽ جي بنياد تي انگلش ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو