اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جڊيشل ريسٽ هائوس ۾ اعظم سواتي جي ترسڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي پڌرائيءَ موجب جڊيشل ريسٽ هائوس ڪوئيٽا جو انتظام رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ وٽ آهي، جڊيشل ريسٽ هائوس ۾ رڳو موجوده ۽ رٽائرڊ جج رهي سگهن ٿا پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي سپريم ڪورٽ ريسٽ هائوس ڪوئيٽا ۾ ڪڏهن نه ترسيو، اسپيل برانچ بلوچستان موجب اعظم سواتي بلوچستان جڊيشل ڪامپليڪس ۾ رهيو آهي ۽ بلوچستان جڊيشل ڪامپليڪس سپريم ڪورٽ جي ڪنٽرول ۾ ناهي
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جڊيشل لاجز ڪوئيٽا ۾ اعتراض جوڳي وڊيو رڪارڊنگ جو الزام هنيو هوهوڏانهن وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) اعظم سواتي جي وڊيو جعلي قرار ڏني آهي
