64

ممبئي:عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور نياڻي جا والدين بڻجي ويو

ممبئي: بالي ووڊ جي خوبصورت جوڙي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور نياڻي جا والدين بڻجي ويا آهن
ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ صبح جي وقت نياڻي کي جنم ڏنو آهي، جنهن جي آگاهي جوڙي ۽ سندن گهرڀاتين ميڊيا کي ڏني آهي ٻئي پاسي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور کي نياڻي جا والدين ٿيڻ تي خوشي ۾ گهر اندر جشن وارو ڏيک آهي
هوڏانهن فلمي ساٿين ۽ اداڪارن جوڙي کي والدين بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن
رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جو چوڻ آهي ته اهي پنهنجي گهر ۾ آيل نياڻي جي آجيان ڪن ٿا، هنن لکيو ته جادو جهڙي پرڪشش نياڻي جا والدين بڻجڻ تي اسين انتهائي خوش آهيون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو