اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن ملاقات ڪئي آهي اعتزاز احسن ملاقات ۾ عمران خان کان خيريت معلوم ڪئي ۽ لانگ مارچ، سياسي صورتحال ۽ وزيرآباد واقعي جي ايف آءِ آر تي به مشاورت ڪئي ذريعن موجب عمران خان چيو ته اعتزاز احسن کي 17 سال اڳ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي، اسان جو ۽ اعتزاز احسن جو نظريو هڪ ئي آهي ۽ اعتزاز جو مستقبل اسان سان گڏ آهي.
هن چيو ته اعتزاز احسن منهنجو وڪيٽ ڪيپر هوندو هو ۽ ڪرڪيٽ کي چڱي ريت ڄاڻي ٿ و
ذريعن موجب اعتزاز احسن چيو ته جڏهن عمران خان تي فائرنگ ٿي ته ٽي وي ڏسي رهيو هيس، جوابدار نويد جي وڊيو بيان کانپوءِ مون کي فون آئي ته مان چيو طوطو ڳالهائي رهيو آهي
