67

اسلام آباد: امن امان بابت وفاقي حڪومت جو آئيني ذميواري ۾ ناڪامي تي خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب حڪومتن کي خط

اسلام آباد: وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب حڪومت جي چيف سيڪريٽرين کي خط لکي رستا کولرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي خط ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون امن امان برقرار رکڻ جي آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن، حالتون ڪنٽرول ڪرڻ بدران پوليس تماشائي بڻيل آهي، امن امان برقرار نه رکڻ جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا خط موجب ننڍا گروپ موٽر وي، هاءِ وي ۽ لنڪ روڊ بند ٿا ڪري ڇڏين، ماڻهن جي اچ وڃ، سامان جي پهچ ۾ رنڊڪون پيش اچي رهيون آهن، ٻار اسڪول نٿا وڃي سگهن، احتجاج ڪندڙن کي هٽايو وڃي ته جيئن اچ وڃ ٿي سگهي پنجاب حڪومت کي ياد ڏياريو ويو آهي ته صوبائي حڪومت کي 5 نومبر تي به خط لکيو ويو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو