اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشه خان ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي اليڪشن ڪميشن گذريل مهيني توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان الزام ثابت ٿيڻ تي قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو عمران خان جي نااهلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي پر ٻئي طرف نيب عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي قومي احتساب بيورو(نيب) عمران خان طرفان پرڏيهي ملڪن جي سربراهن کان ملندڙ تحفن جي غلط استعمال جي جاچ ڪري رهيو آهي نيب معاملي جي جاچ لاءِ ڪابينه ڊويزن ۽ سرڪاري توشه خان مان تحفن جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي. ڊي جي نيب راولپنڊي توشه خانه ڪيس ۾ جاچ جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي
