76

اسلام آباد: وزيراعظم ارشد شريف جي موت جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سينئر صحافي ارشد شريف جي موت جي جاچ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال کي خط لکي ڇڏيو آهي خط ۾ ارشد شريف جي موت جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي
خط جي متن موجب ڪميشن 5 سوالن تي خاص طور تي غور ڪري سگهي ٿي، ارشد شريف جي ٻاهرئين ملڪ روانگي ۾ ڪنهن سهولتڪاري ڪئي؟ ڪا وفاقي يا صوبائي ايجنسي ارشد شريف کي ملندڙ ڌمڪي کان آگاهه هئي؟ جيڪڏهن ارشد شريف جي حياتي کي خطري جو اطلاع هو ته بچاءَ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ ڪهڙيون حالتون ۽ سبب هئا، جنهن جي بنياد تي ارشد شريف کي دبئي کان ڪينيا وڃڻو پيو؟ فائرنگ جي واقعن جي اصل حقيقت ڇا آهي، جن ۾ ارشد شريف جو موت ٿيو؟ ڇا ارشد شريف جو موت واقعي غلط سڃاڻپ جو معاملو آهي يا وري اهو ڪنهن مجرماڻي راند جو نتيجو آهي خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ ڪميٽي جوڙڻ ضروري آهي، وفاقي حڪومت ڪميشن کي ڀرپور سهڪار فراهم ڪندي خط جي متن موجب ارشد شريف جي ماءُ توهان کي اپيل ڪئي آهي، اسان ان جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، ارشد شريف جي موت تي وفاقي حڪومت ۽ رياستي ادارن تي شڪ شبها ظاهر ڪيا ويا، عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ سپريم ڪورٽ جو ڪميشن ٺاهڻ ضروري آهي، اڻ ڌري باڊي جاچ نه ڪئي ته وڏي مدي جي بنيادن تي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي ياد رهي ته سينئر صحافي ارشد شريف کي 23 آڪٽوبر تي ڪينيا ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو