ڪراچي: نيپرا حڪومتي درخواست تي ڪراچي واسين لاءِ بجلي 51 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي بجلي جي اگهن ۾ واڌ يونيفارم ٽيرف جي مد ۾ ڪئي وئي آهي نيپرا اختيارين موجب ڪراچي جي واهپيدارن کان سپٽمبر کان نومبر جي بلن ۾ اُڳاڙي ٿيندي، ڪي اليڪٽرڪ جي ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ ٽي رپيا 55 پئسا ٺهي ٿي پر عوام 51 پئسا في يونٽ جي حساب سان ادا ڪندو
