اسلام آباد، يوم اقبال جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري علامه اقبال کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوم اقبال تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ اسان اوڀر جي شاعر علامه اقبال کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. علامه اقبال جي نظريات، نئين سوچ ڪيترن ئي نسلن کي متاثر ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته علامه اقبال جي سوچ ملڪ کي ترقي ڏيڻ لاءِ مشعل راهه آهي. علامه اقبال نوجوانن کي نين شين جي ڳولا جو درس ڏنو. يوم اقبال تي اسان سڀني کي علامه اقبال جي تعليمات موجب پنهنجي زندگين کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جو عهدو ڪرڻو پوندو وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم اڄ علامه اقبال جو يوم پيدائش عقيدت احترام سان ملهائي رهي آهي. علامه اقبال نوجوانن کي قربانين، عظمت ۽ وڃايل ميراث کان روشناس ڪرايو. اوڀر جي شاعر نوجوانن کي شاهين سان تعبير ڏني. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته علامه اقبال، نوجوانن کي علم ۽ تحقيق جي منزل طئي ڪرڻ جي تلقين ڪئي. ننڍي کنڊ ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ ڌار رياست جو خواب ڏٺو. اوڀر جي شاعر جو پاڪستان سياسي برداشت ۽ ڀائيچاري جو پاڪستان هو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يوم پيدائش تي علامه اقبال کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته علامه اقبال جو فلسفو نه وسرڻ جوڳي تحريڪ ۽ هڪ پيغام آهي. اوڀر جي شاعر معاشري ۾ سياسي بيداري جي اهميت تي زور ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته علامه اقبال مسلمانن کي پنهنجي صف ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جو درس ڏنو. ڪوڙ، نفرت ۽ ذاتي مفادن تي ٻڌل سياست کي رد ڪري ڇڏيو. علامه اقبال جي سوچ تحت پاڪستان کي هڪ رول ماڊل جمهوري ملڪ ٺاهينداسين
