اسلام آباد. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان جي راولپنڊي پهچڻ ۾ دير اهم حڪمت عملي جو حصو آهي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته راولپنڊي جي اجلاس ۽ لنڊن ۾ ٿيندڙ ميٽنگ اهم فيصلن جو فائنل رائونڊ آهي. چونڊن کان وٺي سليڪشن جا سمورا اهم فيصلا هن مهيني راولپنڊي ۾ ٿيندا هن چيو ته حڪومت معاشي، سياسي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. جيترو پرڏيهي ملڪن جي دورن تي خرچ ٿيو ايتري ته امداد به ناهي ملي. قوم روڊن تي هوندي ۽ هي لنڊن ۾ نئين سال جون خوشيون ملهائي رهيا هوندا.
شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي راولپنڊي پهچڻ ۾ دير اهم حڪمت عملي جو حصو آهي. ايف آءِ آر نه ڪٽڻ جو طعنو ڏيندڙ جي پنهنجي سياسي پتنگ ڪٽجڻ واري آهي اڳوڻي اگهرو وزير وڌيڪ چيو ته زرداري ۽ نوازشريف جون خواهشون ختم ٿي وينديون. فضل الرحمان قُل پڙهائيندو. ملڪ جي لاءِ ڪفن پائيندڙ ادارا ملڪ بچائيندا، چونڊون ڪرائيندا. جڏهن ته سپريم ڪورٽ عوام جي آخري اميد آهي
