68

اسلام آباد، پاڪستاني ٽيم جي فتح: صدر، وزيراعظم، آرمي چيف سميت ٻين اڳواڻن پاران مبارڪباد

اسلام آباد، پاڪستاني ٽيم پاران ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل کٽڻ تي صدر، وزيراعظم سميت ٻين اڳواڻن طرفان مبارڪباد ڏني وئي آهي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني ٽيم کي ميچ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر عارف علوي چيو ته ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي بهترين راند پيش ڪئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف به قومي ٽيم کي سيمي فائنل ۾ بهترين فتح تي مبارڪباد ڏني آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت پاڪ فوج جي ٻين سربراهن به بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ميچ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر ۽ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز به قومي ٽيم جي ميچ کٽڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو