اسلام آباد؛ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ اڄ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پهريون سيمي فائنل اڄ سڊني ۾ کيڏيو پيو وڃي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون پاڪستاني وقت موجب ٻنپهرن جو هڪ وڳي آمهون سامهون ٿينديون سڊني ۾ صبح جي وقت هلڪي برسات جو امڪان آهي پر ميچ کان اڳ موسم صاف ٿي ويندو. راند جو برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان نه آهي ٻئي ٽيمون ميچ کٽڻ لاءِ پرعزم آهن. نيوزيلينڊ جي ڪپتان جو چوڻ آهي ته سيمي فائنل ۾ پاڪستان فيوريٽ آهي يا نيوزيلينڊ؟ اهو چوڻ مشڪل آهي. نيوزيلينڊ جا رانديگر سڊني جي پچ کان سٺي طريقي سان واقف آهن. بهتر راند جو مظاهرو ٿيندو ٻئي طرف پاڪستاني ٽيم به ميچ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي ورتي آهي. آسٽريلوي رانديگر ميٿيوهيڊن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم اهڙي آهي جو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. بابر اعظم جي وڏي ميچ ۾ واپسي طوفان جيان ٿي سگهي ٿي. سيمي فائنل کان اڳ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڪيلي پريڪٽس ڪندي نظر آيو. جڏهن ته ٻين رانديگرن ميچ کان اڳ آرام ڪيو
