سڊني، پاڪستان نيوزيلينڊ کي پهرين سيمي فائنل ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2002 جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهريان بيٽنگ ڪندي نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهيون. حدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 105 رنسن جي اوپننگ پارٽنر شپ قائم ڪئي جنهن ميچ کٽڻ جي بنياد رکي پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 42 بالن تي 7 چوڪن جي مدد سان 53 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته محمد رضوان 57 رنسون ٺاهيون. نوجوان رانديگر محمد حارف 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيو نيوزيلينڊ جو ڪوبه بالر خاطر خواهه ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو. ٽرينٽ بولٽ 2 جڏهن ته مچل سينئر هڪ وڪيٽ حاصل ڪري سگهيو پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 2 جڏهن ته محمد نواز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جڏهن ته هڪ رانديگر کي رن آئوٽ ڪيو ويو ياد رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ٻئي ٽيمون 6 ڀيرا هڪ ٻئي جي سامهون آيون آهن جنهن ۾ قومي ٽيم نيوزيلينڊ کي 4 ڀيرا شڪست ڏني آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ 2 ڀيرا ڪاميابي ماڻي آهي
