لاهور، وزيرآباد ۾ فائرنگ جي معاملي تي عمران خان جي مرضي جي ايف آءِ آر پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي وئي آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي وزيرآباد ۾ فائرنگ جي واقعي تي پنهنجي پارٽي چيئرمين پاران نامزد ڪيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تي خدشا آهن پي ٽي آءِ قيادت جو چوڻ آهي ته پنجاب جو وڏو وزير ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه پيو ڏيکاري. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جو وڏو وزير اسٽيبلشمينٽ خلاف نٿو وڃڻ چاهي هو عمران خان طرفان نامزد اسٽيبلشمينٽ جي هڪ وڏي نالي سبب پريشاني جو شڪار آهي ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير عمران خان کي راضي ڪرڻ جون تمام گهڻيون ڪوششون به ڪيون آهن پر ان باوجود عمران خان ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي موجوده صورتحال دوران چوڌري پرويز الاهي ۽ عمران خان جا لاڳاپا بچائڻ لاءِ مونس الاهي به سرگرم ٿي ويو آهي
