60

لاهور،پنجاب حڪومت عمران خان مٿان حملي واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور، پنجاب حڪومت عمران خان مٿان حملي واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ڪميٽي چيئرمين راجا بشارت جي صدارت هيٺ پنجاب ڪابينه جو سول سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي گهرو وزير عمر سرفراز چيمه، چيف سيڪريٽري عبدالله سنبل ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عمران خان مٿان حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو جي آءِ ٽي جي سربراهي ايڊيشنل آءِ جي هاءِ ويز رياض نذير ڪندو جڏهن ته ٻيا ميمبر لاڳاپيل ايجنسين جا نمائندا شامل هوندا ڪميٽي لانگ مارچ جي ڪنٽينر کي عمران خان لاءِ مخصوص سيڪيورٽي ڏيڻ جڏهن ته موٽرويز کي جلد کولڻ ۽ ججز کي رستو ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو.
اجلاس ۾ راجه بشارت چيو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميه تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت سان رابطو رکن. ڪنٽينر تي بليف پروف روسٽرم ۽ گلاس لازمي لڳايو وڃي. اسٽائپرز جي مقرري ۽ ٻئي سيڪيورٽي انتظامن ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو