61

لاهور؛بند ڪمري ۾ چئن ماڻهن مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو: عمران خان

لاهور، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب پوليس صوبي ۾ اسان جي حڪومت جي ماتحت هجڻ باوجود مان پنهنجو ڪيس رجسٽرڊ نه ڪرائي سگهيس عمران خان تُرڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته منهنجو ڪيس رجسٽرڊ ڪرڻ کان پنجاب پوليس انڪار ڪري ڇڏيو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پنجاب پوليس کي ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو آهي عمران خان چيو ته بند ڪمري ۾ چئن ماڻهن مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، جن طاقتور ماڻهن مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو انهن کي بليٽ پروف شيشن سان ڪوبه فرق نه پوندو آهي هو تمام گهڻا اثر رسوخ وارا آهن عمران خان وڌيڪ چيو ته واقعي جي آزادانه ۽ شفاف جاچ چاهيان ٿو. اڳيان وڌڻ جو صرف هڪ ئي رستو آهي ته عوام کي سندن مرضي موجب حڪومت چونڊ ڪرڻ ڏني وڃي انٽرويو دوران ميزبان صحافي سوال ڪيو ته وزيرآباد ۾ حملي کان پوءِ اوهان زخمي ٿي چڪا هو هن وقت ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو؟ جنهن جو جواب ڏيندي عمران خان چيو ته نفسياتي طور تي مان پاڻ کي مضبوط سمجهي رهيو آهيان. مون کي حملي کان پهريان ئي خبر هئي ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. مون پنهنجي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ اعلان ڪيو هو ته مون کي قتل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. اها تياري چئن ماڻهن بند ڪمري ۾ ڪئي آهي. مان ان ڳالهه کي عوام سامهون مئي ۽ جون دوران سامهون آندو هو. مون کي قتل ڪرڻ پٺيان مضبوط ماڻهو آهن. هنن هاڻ مون کي قتل ڪرڻ لاءِ ٻئي منصوبه بندي ڪئي آهي. ان جي لاءِ هنن مذهب جو سهارو ورتو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو