اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي صورتحال تي پارٽي اڳواڻ نوازشريف سان صلاح مشوري جي لاءِ مصر کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ موسمياتي ڪانفرنس(ڪوپ 27) ۾ شرڪت کان پوءِ نجي اڏام ذريعي لنڊن روانو ٿي ويو آهي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف سان اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪندو. جنهن ۾ پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم پارٽي اڳواڻ نوازشريف سان عمران خان جي لانگ مارچ حوالي سان به ڳالهيون ڪندو. امڪان آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو لنڊن جو نجي دورو هڪ ڏينهن کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو
