75

اسلام آباد،انگلينڊ هٿان ڀارت جي بدترين شڪست تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٽوئيٽ

اسلام آباد، ڀارت کي انگلينڊ هٿان مليل بدترين شڪست کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف هڪ دلچسپ ٽوئيٽ ڪئي آهي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڀارت کي ڏهه وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر ۽ ايلڪس هيلز 170 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي انگلينڊ جي تاريخي فتح تي وزيراعظم شهباز شريف به ٽوئيٽ ڪئي آهي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف لکيو آهي ته هن آچر تي 0/152 جو مقابلو 0/170 سان ٿيندوحقيقت ۾ ان ٽوئيٽ ذريعي وزيراعظم جو اشارو ڀارت جي ڏهه وڪيٽن تان شڪست ڏانهن آهي، گذريل سال يو اي ايِ ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت کي ڏهه وڪيٽن تان هارايو ۽ 152 رنسن جو هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو هو ،اهڙي نموني اڄ عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ به ڀارت جي 168 رنسن جي جواب ۾ بنا ڪنهن نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون ۽ 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي انگلينڊ جي ان ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو فائنل آچر 13 نومبر تي ميلبرن ۾ کيڏي ويوندو پاڪستان ۽ انگلينڊ هڪ، هڪ ڀيرو عالمي ڪپ کٽي چڪا آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو