76

اسلام آباد،رسول الله ﷺ رستا بند ڪرڻ جي عمل کي شيطاني قرار ڏنو هو: جسٽس فائز عيسيٰ

اسلام آباد، سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ احتجاج دوران روڊن جي بندش جي حوالي سان اهم ريمارڪس ڏنا آهن جسٽس قاضي فائز عيسي چيو آهي ته رسول الله ﷺ رستا بند ڪرڻ جي عمل کي شيطاني قرار ڏنو هو. عدالت سڳوري روڊن جي بندش سبب بنيادي حقن جي پامالي تي فيصلا ڏنا آهن جن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته اجازت کان سواءِ روڊن تي اجتماع نٿا ٿي سگهن معزز جج چيو ته ٻين جا بنيادي حق متاثر ڪري اظهار جي آزادي جا حق حاصل نٿا ڪري سگهجن. روڊن کي اڻڄاتل مدي تائين استعمال نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري مظاهرين جنهن روڊن کي استعمال ڪرڻ لاءِ جيڪي رنڊڪون وڌيون آهن انهن کي قانون موجب جوابده ڪرڻ لازمي آهي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته رياست جي صرف اها ذميواري ناهي ته هو مظاهرين جي اجتماع کي آسان بنائي، رياست جي اولين ۽ بنيادي ذميواري اها آهي ته هر شهري جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري پنهنجي بيان ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 8 نومبر جي صبح عدالت وڃي رهيو هئس ته ٽريفڪ روڪي وئي هئي. پڇاڻي ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته صدر صاحب جي لاءِ روٽ لڳايو ويو آهي. سوين گاڏيون روڪيون ويون هيون جنهن ۾ هزارين ماڻهو هئا. هن چيو ته صبح وقت ماڻهو اسپتال يا ضروري ڪمن لاءِ ويندا آهن، اهو ڏسي انتهائي ڏک پهتو ته اهو سڀ ڪجهه اسلامي جمهوري پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي آئين ۾ سڀني کان پهريان الله جي حڪمراني جو اقرار ڪيو ويندو آهي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته قائداعظم چيو هو ته اسان جي رياست هجڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان آزاد ماڻهن جيان زندگي گذاري سگهون. اهڙي رياست جتي اسلامي، سماجي عدل جي اصولن تي آزادي سان عمل ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته عدالت سڳوري کان شام جو معمول موجب پنڌ گهر طرف روانو ٿيس ته رستي تي ڪيترائي سرڪاري ملازم احتجاج ڪري رهيا هئا جنهن سبب روڊ بند ڪيو ويو هئو، روڊ جي ٻئي پاسي تي سرڪاري نمبر وارين گاڏين جي اڪثريت هئي ۽ گاڏيون ٻنهي طرفن کان اهڙي هنڌ پارڪ ڪيون ويون هيون جتي پارڪنگ ڪرڻ جي پابندي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو