اسلام آباد، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر سينيٽ جي رڪنيت تان استتعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي پيش ڪئي جنهن جي تصوير هن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي پوسٽ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت جي افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجي سياسي مستقبل بابت افواهون پکيڙيندڙن لاءِ واضح ٿو ڪريان ته مان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۾ نه پيو وڃان. مان پنهنجي آزادي برقرار رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندس استعيفيٰ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مان سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جي هدايت تي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري رهيو آهيان ياد رهي ته مصطفيٰ نواز کوکر اعظم سواتي جي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري معاملي تي پارٽي پاليسي جي ابتڙ سخت موقف ڏنو هو. مصطفيٰ نواز کوکر طرفان تصديق ڪئي وئي هئي ته پارٽيءَ جي قيادت پاران سينيٽ جي رڪينت تان سندس استعيفيٰ طلب ڪئي وئي آهي. پ پ طرفان مصطفيٰ نواز کوکر کي 2018 ۾ پ پ جي سيٽ تي سنڌ مان سينيٽر چونڊرايو ويو هو
