راولپنڊي، اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ مقرري سڀني مٿان ڳري آهي، نوازشريف جيترن ماڻهن کي مقرر ڪيو انهن سڀني سان جهيڙو ڪيو،جڏهن ته فضل الرحمان نوازشريف ۽ آصف زرداري کي ميرٽ تي ٿيل فيصلي کان پوءِ مايوسي ٿيندي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته بي اختيار شهباز شريف ويندو شرم الشيخ آهي پر معمول موجب نڪرندو لنڊن مان آهي. هڪ مقرري سڀني مٿان ڳري پئجي وئي آهي. نوازشريف جيترن ماڻهن کي مقرر ڪيو انهن سڀني سان هن جهيڙو ڪيو شيخ رشيد چيو ته نوازشريف، آصف زرداري ۽ فضل الرحمان کي مايوسي ٿيندي. فيصلو ميرٽ تي ٿيندو ۽ چونڊون ٿينديون. جڏهن ته اسلام آباد 13 جو ربڙ اسٽيمپ صرف پارٽين جو نه پر اسان جو به آهي شيخ رشيد چيو ته ارشد شريف جي ماءُ کي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻو پيو، ان سان قوم جي دل آزاري ٿي آهي اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته سعودي عرب جا مهمان جيڪڏهن پاڪستان آيا ته ان سان اسان کي به خوشي ٿيندي
