راولپنڊي،وفاقي گادي جي جاڙن شهرن ۾ تحريڪ انصاف جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته ڌرڻي سبب رستا بند هجڻ ڪري شهري سخت پريشاني ۽ ذهني اذيت کي منهن ڏئي رهيا آهن رپورٽ موجب راولپنڊي مري روڊ سميت 5 اهم روڊن تي مظاهرين احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب اهم ۽ سڀني کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ روڊ شمس آباد مڪمل طور تي بند آهي ،جنهن ڪري شهري کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي راولپنڊي جا تعليمي ادارا اڄ چوٿين ڏينهن به بند آهن. مري روڊ کان اسلام آباد ويندڙ شهرين کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته آفيسن ۽ ٻين ڪمن ڏانهن ويندڙ ماڻهن جو وڏو انگ به رش ۾ ڦاٿل آهي ٻئي طرف ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جا سمورا تعليمي ادارا اڄ کليل رهندا جڏهن ته وفاقي گادي وارن شهرن جي حدن ۾ سمورا روڊ کليل آهن. ضلعي انتظاميه طرفان تعليمي ادارا کليل رکڻ بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٽريفڪ پوليس شهرين جي لاءِ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته مري روڊ تي احتجاج سبب شمس آباد اسٽال ويجهو ٽريفڪ جام آهي. متبادل جي طور تي سيد پور روڊ، ڪمرشل مارڪيٽ جو روڊ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اولڊ ايئرپورٽ روڊ ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي ٽريفڪ پوليس موجب مين پشاور روڊ ۽ مال روڊ به ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي. آءِ جي پي روڊ اسلام آباد هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. متبادل طور تي مين پشاور روڊ، ويسٽريج، چوبڙ چوڪ، ماربل فيڪٽري روڊ، گولزه موڙ، سري نگر هاءِ وي کي استعمال ڪري سگهجي ٿو سوان پل کان ڪچهري روڊ طرف ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ هلائي پئي وڃي. جي ٽي روڊ، ٽيڪسلا ويجهو باءِ پاس چوڪ ۽ مارگله هلز هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. متبادل طور تي موٽر وي ايم ون کي استعمال ڪري سگهجي ٿو
