78

لاهور،آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار 14 ڏينهن جي موڪل گهري ورتي

لاهور، آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار 14 ڏينهن جي موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مان عمري جي ادائيگي لاءِ وڃڻ چاهيان ٿو جنهن لاءِ مون کي 14 ڏينهن جي موڪل ڏني وڃي رپورٽ موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري کان پوءِ آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار 14 ڏينهن جي لاءِ موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي. رپورٽون آهن ته فيصل شاهڪار عمري جي ادائيگي لاءِ درخواست ڏني آهي. سروسز کاتي آءِ جي پنجاب جي موڪل جي سمري پنجاب جي وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي ياد رهي ته آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار پنجاب ۾ ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري چڪو آهي ۽ پنجاب حڪومت به وفاق کي آءِ جي پنجاب جي تبديلي لاءِ خط لکي چڪي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو