لنڊن، لنڊن ۾ موجود ن ليگ قائد نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو نواز شريف جي خانداني ذريعن تصديق ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سفارتي پاسپورٽ ملي ويو آهي هوڏانهن نواز شريف جو به چوڻ آهي ته سفارتي پاسپورٽ وٽس ڪيترن ئي ڏينهن کان موجود آهي واضح رهي ته اڄ وري وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات تقريبن ساڍا 3 ڪلاڪ جاري رهي وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ ٻن ڏينهن دوران نواز شريف سان اها ٻي ملاقات آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پي ٽي آءِ لانگ مارچ، نئين آرمي چيف جي مقرري سميت مهانگائي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو
