77

وزيرآباد،پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ وزيرآباد کان ٻيهر شروع عمران خان جو وڊيو لنڪ ذريعي خطاب

وزيرآباد،( پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ وزيرآباد کان ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، جنهن سان پارٽي چيئرمين عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيوعمران خان چيو ته مون کي رٿابندي تحت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها رٿابندي سيپٽمبر ۾ ٿي هئي، 24 سيپٽمبر تي مان چئي ڇڏيو هو ته منهنجي قتل جي رٿابندي ٿي آهي، ابتسام اسان جو هيرو آهي، جنهن حملي کي ناڪام بڻايو، معظم جي شهيد ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک آهي سندس ٻار پالڻ جي ذميواري کڻنداسين هن چيو ته لانگ مارچ هلي رهيو آهي، ڪنٽينر جي فرانزڪ سان ثابت ٿيو ته ٻه مختلف قسمن جون گوليون لڳيون آهن، حقيقي آزادي جي تحريڪ بيهندي نه پر زور وٺندي، اسان کي نه اسلام آباد وارن کي تڪڙ آهي، لانگ مارچ جي ٽائمنگ پاڻ طئي ڪنداسين سندس چوڻ هو ته نواز شريف سدائين پنهنجي امپائر سان گڏ کيڏندو آهي، مون کي نه نواز شريف کي امپائر جي ضرورت آهي، اي وي ايم بنا به چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف کي اڪثريت ملندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو