ميلبرن، انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مضبوط آهي انهن کان ورلڊ ڪپ کٽڻ آسان نه هوندو انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اندازو آهي هو هڪ مضبوط ٽيم آهي. اسان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٻئي خلاف ڪافي ميچ کيڏيا آهن هن چيو ته ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽڻ ڪڏهن به آسان ناهي هوندو پاڪستان جي بالنگ لانگ مضبوط آهي. موسم بابت ڳالهيون ڪندي جوز بٽلر چيو ته موسم جو اختيار اسان جي هٿ ۾ ناهي هوندو. اسان بطور هڪ ٽيم ڪنهن به صورتحال ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهيون
جوز بٽلر چيو ته فائنل کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيون ۽ اميد آهي ته سٺي پرفارمنس ڏينداسين اسان جيڪو پلان ٺاهيو آهي ان تي عمل ڪنداسين. ياد رهي ته آچر 13 نومبر تي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل ميلبرن ۾ کيڏيو ويندو
