86

لاهور، دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ مائره خان جو ڪردار مون کي ملڻ گهرجي ها، ميرا

لاهور، پاڪستاني اداڪاره ميرا هڪ دفعو ٻيهر مائره خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته دي ليجنڊ آف مولاجٽ ۾ مان مائره خان کان بهتر اداڪاري ڪري سگهيس ٿي ميرا کي خبرن ۾ رهڻ جو فن سٺي طريقي سان ايندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ئي ميرا تازو ئي هڪ ويب چينل کي انٽرويو ڏنو انٽرويو ۾ ميرا ٻڌايو ته مون پاڪستان جي ميگا بجيٽ فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ ڏٺي. ان فلم ۾ فواد خان جو ڪردار مون کي تمام گهڻو پسند آيو. پر هن فلم جي مکهو جٽني يعني مائره خان جي اداڪاري مون کي پسند نه آئي. ميرا چيو ته مائره خان کان بهتر اداڪاري ته مان پاڻ ڪري سگهيس ٿي ميرا اهو به چيو ته مائره خان فلم ۾ پنجابي ٻولي به صحيح طريقي سان نه ڳالهائي ياد رهي ته اهو پهريون موقعو ناهي جڏهن لالي ووڊ اداڪاره ميرا مائره خان کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي پر ان کان اڳ به ميرا ڪيترائي ڀيرا مائره خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي رهي پر ڪجهه وقت کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ گهري دوستي ٿي وئي هئي. هاڻ وڏي وقت کان پوءِ ميرا مائره خان کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو