115

لاهور،ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا عمر بٽ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور، پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا عمر بٽ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا جي حوالي سان 2 سالن کان اهي خبرون هلي رهيون هيون ته هو عمر بٽ سان شادي ڪرڻ واري آهي ان حوالي سان جنت مرزا گذريل سال هڪ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي وضاحت ڪئي هئي ته اسان جي مڱڻي ناهي ٿي جڏهن به منهنجي مڱڻي ٿيندي ته مداحن کي ضرور ٻڌائيندس، في الحال اهڙو ڪجهه به ناهي. ان کان پوءِ هن ٽي وي پروگرام دوران ٻڌايو هو ته منهنجي ڳالهه پڪي ٿي وئي آهي گذريل ڏينهن جنت مرزا انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته مان ڪنهن سان گڏ ناهيان، مان هاڻ سنگل(اڪيلي) آهيان جنت مرزا وڌيڪ لکيو ته اهو نه پڇيو وڃي ته ائين ڇو ٿيو هڪ طرف جنت مرزا عمربٽ سان تعلق ختم ٿيڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون آهن ته ٻئي طرف هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان عمر بٽ سان گڏ نڪتل پنهنجون تصويرون ۽ وڊيوز به ناهن هٽايون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو