واشنگٽن، آمريڪي پرڏيهي وزارت نئين آرمي چيف جي مقرري کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو آهي
آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان سان ملي ڪم ڪندا رهنداسين آمريڪا طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ڏهاڪن کان پاڪستاني عوام دهشتگرد حملن سبب سخت متاثر ٿي آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان گڏ مضبوط ڀائيواري چاهيون ٿا ۽ پاڪستاني حڪومت جي دهشتگردن خلاف ڪاررواين جي حمايت ڪندا رهنداسين
آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ٽي ٽي پي جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل مفاد آهي. پاڪستان کان علاقائي ۽ عالمي دهشتگردي خلاف تعاون جي ڪوششن جي اميد رکون ٿا
71