راولپنڊي، راولپنڊي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن جي راند جاري آهي پاڪستان 176 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ بيٽنگ ڪري رهيو آهي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن جي ٻئي سيشن جي شروعات ٿي وئي آهي. پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 76 اوورز ۾ وڌيڪ 174 رنسن جي ضرورت آهي پنجين ڏينهن جي شروعات 80 رنسون ٻن وڪيٽن جي نقصان تي شروع ٿي. جڏهن ته امام الحق 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. هن وقت ڪريز تي سعود شڪيل ۽ محمد رضوان موجود آهن. سعود شڪيل ڊيبيو ٽيسٽ ۾ 50 رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن. راولپنڊي ٽيٽ جي پنجين ڏينهن وڌ کان وڌ 98 اوورز ڪرايا ويندا ياد رهي ته راولپنڊي ٽيسٽ جي ٻئي اننگز ۾ عبدالله شفيق 6 ۽ ڪپتان بابر اعظم 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته اظهر علي زخمي ٿيڻ سبب ميچ کان ٻاهر ٿي ويو
